مير حاصل بزنجو جي آخري خواھش

حامد میر
هي 1989ع جي ڳالهه آهي. بلوچستان جي شهر اوٿل ۾ مقامي اسسٽنٽ ڪمشنر فواد حسن فواد پنهنجي آفيس ۾ ڪم ڪري رهيو هو، کيس ٻڌايو ويو ته ڪو حاصل بزنجو آيو آهي. ان سان گڏ علائقي جا ڪجھه ماڻهو به آهن ۽ اهي توهان سان ملڻ چاهين ٿا.
فواد حسن فواد ان کي ملاقات لاءِ گھرائي ورتو. حاصل بزنجو آيو ته هن وڏي هلڪي لهجي ۾ پنهنجو سرسري تعارف ڪرائڻ کانپوءِ پاڻ سان گڏ آيلن ڏانهن اشارو ڪيو ۽ ٻڌايو ته انهن جي علائقي ۾ پاڻي ناهي، توهان مهرباني ڪريو ۽ انهن جي علائقي ۾ هڪ کوهه کوٽڻ جو بنaدوبست ڪريو.
فواد صاحب کي وڏي خوشگوار حيرت ٿي ته بلوچستان جي اڳوڻي گورنر غوث بخش بزنجي جو پٽ ڪنهن سرڪاري ملازم جي بدلي يا مقرري لاءِ ناهي آيو پر علائقي ۾ هڪ کوهه لاءِ سفارش ڪري رهيو آهي.
ڳالهه ٻول دوران وڌيڪ خبر پئي ته حاصل بزنجو جن ماڻهن جي سفارش ڪري رهيو هو اهي نه ته ان جا ڄاڻ سڃاڻ وارا هئا نه انهن جو تعلق ڪنهن سياسي پارٽي سان هو. حاصل صاحب خضدار کان ڪراچي وڃي رهيو هو. رستي ۾ هو اوٿل ۾ بيٺو ته ڪجھه مقامي ماڻهن ان کي سڃاڻي پنهنجو مسئلو بيان ڪيو ته حاصل بزنجو کين وٺي اسسٽنٽ ڪمشنر جي آفيس پهچي ويو. اها فواد حسن فواد سان حاصل بزنجي جي پهرين ملاقات هئي.
2013 ۾ فواد حسن فواد ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جو پرنسپل سيڪريٽري بڻجي ويو. ڪجھه ڏينهن کانپوءِ آصف علي زرداري جو صدارتي مدو پورو ٿي ويو ته نئين صدر لاءِ صلاح مشورا شروع ٿي ويا.
هڪ ڏينهن وزيراعظم پنهنجي پرنسپل سيڪريٽري کان پڇيو ته توهان جي خيال ۾ صدر لاءِ ڪير مناسب رهندو؟ فواد حسن فواد حاصل بزنجي جو نالو تجويز ڪري ڇڏيو. ڪنهن سردار عطاءُ الله مينگل ۽ ڪنهن سرتاج عزيز جو نالو تجويز ڪيو ۽ آخر ۾ ممنون حسين کي صدر بڻائڻ جو فيصلو ٿيو.
ڪجھه وقت کانپوءِ حاصل بزنجو ان ئي حڪومت ۾ سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير بڻايو ويو. 2016ع ۾ پاڪستان نيوي گوادر پورٽ جي سيڪيورٽي لاءِ ٽاسڪ فورس 88 جي نالي سان هڪ خاص فورس قائم ڪئي ۽ گوادر پورٽ تي ان جي تقريب ۾ اسان کي به گھرايو ويو. ان تقريب م ٽنهي هٿياربند فوجن جا سربراهه موجود هئا ۽ ٽاسڪ فورس 88 ان تقريب جَي خاص مهمان حاصل بزنجي کي سلامي ڏني.
سلامي کانپوءِ حاصل بزنجي کان پڇيم ته اڄ ٽنهي سروسز چيف سان بيهي سلامي وٺڻ ڪيئن لڳو؟ حاصل ڀاءُ منهنجي ڪن ۾ چيو ته “آئون غدار نه هئس؟” ۽ پوءِ اسان گڏجي هڪ ٽهڪ ڏنو. چانهه پيئندي حاصل بزنجو ڀاءُ ٻيهر منهنجي ويجھو آيو ۽ چيو ته توکي خبر آهي اڄ هن تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم نواز شريف هو. اها سلامي ان کي ڏيڻي هئي. عين وقت تي هو نه آيو ان ڪري سلامي مونکي ڏني وئي. مون پڇيو ته نواز شريف ڇو نه آيو؟
حاصل مرڪيو ۽ چيائين ته شايد موسم خراب آهي. مون به معنيٰ خيز انداز ۾ چيو ته موسم ڪجھه گھڻي ئي خراب آهي. حاصل بزنجو سنجيده ٿي ويو. مونکي ياد ڏياريندي چيائين ته ڪجھه سال پهرين تو هتي گوادر ۾ ملاحن جي وسندي ۾ ڪيپيٽل ٽاڪ ڪيو هو. هاڻي انهن ملاحن کي ڪنهن ٻئي هنڌ اماڻيو ويو آهي انهن جا وڏا مسئلا آهن، توکي انهن وٽ ٻيهر وڃڻ گھرجي. مون چيو ته توهان اتي مون سان گڏ هلندئو؟ حاصل ڀاءُ هائوڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو.
اتي ڪجھه ٻيا پارليامينٽ ميمبر به موجود هئا. مون انهن کي گڏ کنيو ۽ اسان ڪيمرا مين سان گڏ سمنڊ جي ڪناري تي مهاڻن وٽ پهچي وياسين. انهن ويچارن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ۽ سامونڊي معاملن وارو وزير انهن جي ها ۾ ها ملائڻ لڳو. ڪجھه دير کانپوءِ حاصل بزنجي کي چيم ته هتي سڀ ڪجھه ڪيميرا تي رڪارڊ ٿي رهيو آهي، توهان مهاڻن سان گڏ آهيو يا وفاقي وزير آهيو؟
حاصل صاحب مٿو کنهندي چيو آئون ته مهاڻن سان گڏ ئي آهيان. 20 آگسٽ 2020ع شام جو حاصل بزنجو جي لاڏاڻي جي خبر ملي ته حاصل ڀاءُ جون سموريون ڳالهيون ياد اچڻ لڳيون.
2019ع جي شروعات ۾ حاصل بزنجو کي خبر پئي ته کيس ڪينسر آهي. ان جو علاج شروع ٿي ويو، پر هو ڊاڪٽرن جي صلاح تي گھڻو عمل نه ڪندو هو. هڪ ڏينهن سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻيءَ مونکي چيو ته، پنهنجي دوست کي سمجھاءِ ته سگريٽ پيئڻ ڇڏي ڏئي. اسان کيس سمجھائڻ جي ڪوشش ڪئي ته حاصل ڀاءُ شرارتي لهجي ۾ چيو “آمريت ۽ بيماريءَ سان ڪا سوديبازي نٿي ٿي سگھي”.
زندگي جي آخري ڏينهن ۾ هو چوندو هو ته منهنجو ٽائم پورو ٿي چڪو آهي هاڻي احتياط جو ڪو فائدو ناهي. بلوچستان جي حالتن تي ڏاڍو پريشان هو. هڪ ڏينهن چوڻ لڳو ته اڄ جنهن جنهن کي به غدار چيو ويندو آهي ان جي بزرگن جو ڏوهه صرف ايترو آهي جو انهن ايوب خان خلاف صدارتي چونڊن ۾ محترمه فاطمه جناح جو ساٿ ڏنو هو. ان صدارتي چونڊن ۾ غوث بخش بزنجو بلوچستان ۾ محترمه فاطمه جناح جي چونڊ مهم جو انچارج هو.
هن محترمه فاطمه جناح جي سيڪيورٽي سردار خير بخش مري حوالي ڪري ڇڏي هئي. هڪ ڏينهن خير بخش مريءَ بزنجو صاحب کي شڪايت ڪئي ته باقي سڀ ته ٺيڪ آهي پر ٿورو محترمه کي ٻڌائي ڇڏيو ته آئون ڪير آهيان، هوءَ سڀني جي سامهون مونکي انگريزيءَ ۾ دڙڪا ڏيڻ شروع ٿي ويندي آهي جنهن تي بزنجي صاحب چيو ته جمهوريت خاطر اهي دڙڪا برداشت ڪري وٺ.
حاصل بزنجو چوندو هو ته رياست ڇو نه ٿي سوچي ته جيڪو خير بخش مري 1964ع ۾ فاطمه جناح جي سيڪيورٽي جو نگران هو، اهو زندگي جي آخري ڏينهن ۾ عليحدگي پسند ڇو بڻيو؟
حاصل بزنجي سان مارچ 2013ع ۾ بنگلاديش جو هڪ يادگار سفر مونکان ڪڏهن نٿو وسري سگھي. ان سفر ۾ عاصمه جھانگير، سليمه هاشمي، طاهره حبيب جالب ۽ ڪجھه ٻيا دوست به اسان سان گڏ هئا.
بنگلاديشي حڪومت 1971ع ۾ فوجي آپريشن جي مخالفت تي غوث بخش بزنجي، فيض احمد فيض، حبيب جالب، وارث مير کان سواءِ ڪجھه ٻين شخصيتن کي فرينڊز آف بنگلادش ايوارڊ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو هو ۽ اسان اهو ايوارڊ وٺڻ ڍاڪا ويا هئاسين. ڍاڪا ۾ اسان مزارِ شهداءَ تي وياسين ته وزيٽرز بڪ ۾ اسان جي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جا رمارڪس ڏسڻ ۾ آيا.
هن 1971ع جي واقعن تي معافي ورتي هئي. ان دوري دوران حاصل بزنجي ۽ عاصمه جھانگير هر جاءِ تي چيو ته اسان جي بزرگن 1971ع جي آپريشن جي مخالفت ڪئي پر هاڻي اسان کي اڳتي وڌڻو آهي، ان ڪري 1971ع جي واقعن جي نالي تي جماعت اسلامي جي قيادت سان نا انصافي نه ڪئي وڃي. ڪجھه ڏينهن اڳ وزيراعظم عمران خان ۽ بنگلادشي وزيراعظم حسينه واجد جي وچ ۾ ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ٿي ته حاصل بزنجو جو فون آيو.
هو چئي رهيو هو ته هاڻي ته عمران خان به اسان غدارن جو ساٿي بڻجي ويو آهي. حاصل بزنجو ۽ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، بلوچ ويڙهاڪن سان ڳالهيون شروع ڪيون هيون جيڪي انجام تي نه پهچي سگھيون، جنهن جو حاصل ڀاءُ کي ڏاڍو افسوس هو.
هو انهن ويڙهاڪن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ چاهيندو هو ۽ اها ئي سندس آخري خواهش هئي.
Source: Awami Awaz
Link: https://awamiawaz.pk/603279/